تاريخ الفي

تاريخ الفي (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف شهيد علامه احمد ٺٽويرحه آهي. علامه احمد ٺٽويءَ کي اڪبر بادشاهه حڪم ڪيو ته پهرين هجري سال کان وٺي اڪبر جي زماني تائين هڪ هزار سالن جي تاريخ لکي. اهو حڪم ٻڌي علامه صاحب ”تاريخ الفي“ جي نالي سان هجري سن جي آغاز کان وٺي چنگيز خان جي زماني تائين ٻن جلدن ۾ تاريخ قلمبند ڪري 32 جلوس اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪئي، انهيءَ تاريخ کي پوري ڪرڻ جي علامه صاحب کي فرصت ئي ڪانه ملي، ڇو ته اڪبر وٽ هن جي عزت احترام ۽ اثر رسوخ ڏسي کيس شهيد ڪرايو ويو. اهو واقعو 1000هه بمطابق 1591ع ۾ ٿيو. علامه احمد ٺٽويءَ سان صرف عالم هئڻ ڪري ئي تمام گھڻو تعصب ۽ حسد هوندو هو. پير حسام الدين راشدي، علامه صاحب جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”ملا عبدالقادر بدايوني تعصب ۾ احمد ٺٽويءَ بابت تمام گھڻو ناشائستو لکيو.“ هي ناياب ڪتاب اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي. احمد بن ابو الفتح شريف اصفهانيءَ هن ڪتاب جي تلخيص (اختصار) ڪئي، پر اها به ڇپيل ناهي، البته هن جا ڪجهه حصا انگريزيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو